- Advertisement -
پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن عوام جي خوشحالي لاءِ قيمت ادا ڪندي ته پوءِ پيپلز پارٽي کي به قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ عرفان صديقي چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته پ پ اسان کي وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهاري هيٺان ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏي.
هن چيو ته اقتدار ۽ عهدي جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته نوازشريف سياست کان ڌار نظر اچي رهيو آهي، پر سياست جي عينڪ سان ڏٺو وڃي ته نوازشريف سياست ۾ موجود آهي.
سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن عوام جي خوشحالي لاءِ قيمت ادا ڪندي ته پوءِ پيپلز پارٽي کي به قيمت ادا ڪرڻي پوندي.- Advertisement -
