ن ليگ لاءِ سورهن مهينن جي حڪومت ۾ ڏکين فيصلن بعد هي چونڊون ڏکيون هيون: مريم نواز

- Advertisement -
ن ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ نامزد مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ لاءِ سورهن مهينن جي حڪومت ۾ ڏکين فيصلن بعد هي چونڊون ڏکيون هيون، پر عوام کين واضح مينڊيٽ ڏنو آهي. جاتي مارا ۾ پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن جو بنياد نوازشريف 80ع واري ڏهاڪي ۾ رکيو هو، شهبازشريف پنجاب ۾ عوام جي خدمت جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، هاڻي به هو خدمت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ پنجاب ۾ پهرين عورت وزيراعليٰ بڻجڻ جو موقعو مليو آهي،  اهو اعزاز هوءَ هر ماءُ، ڀيڻ ۽ نياڻي جي نالي ڪري ٿي. مريم نواز چيو ته گذريل دور ۾ پنجاب کي نظرانداز ڪيو ويو، هڪ هڪ فائل ۽ مقرريءَ تي پيسا ورتا ويندا هئا. ن ليگ جي نائب صدر چيو ته چئلينج تمام گهڻا آهن، پنج سال گهٽ، کين گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، ان لاءِ جامع پروگرام ٺاهيو آهي، جنهن جا تفصيل سڀني کي ڏنا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون