ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم حڪومتي سيٽ اپ ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق

- Advertisement -
ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم حڪومتي سيٽ اپ ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار تي ٻڌل  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ن ليگ صدر ۽ وزيراعظم جي اميدوار شهبازشريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ اسحاق ڊار، اياز صادق، اعظم تارڙ ۽ محمد احمد خان شامل هئا. ايم ڪيو ايم موجب ٻنهي پارٽين ملڪ ۾ سياسي، جمهوري ۽ معاشي استحڪام لاءِ مفاهمت ۽ گڏيل سهڪار وارو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وسيلن، اختيارن ۽ اقتدار جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي بنياد تي حڪومت سازي جو سلسلو اڳتي وڌايو ويندو، سنڌ جي شهري علائقن جي حقن جي تحفظ خاص طور ڪراچي جي معاشي ۽ اقتصادي اهميت کي بحال ڪرڻ لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي پارٽين ۾ حڪومت سازيءَ جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ملاقاتن جو امڪان آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون