تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

هاڻي گهڻو ٿي ويو، پاڪستان ۽ تحريڪ انصاف گڏ نه ٿا هلي سگهن، تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو: عطا تارڙ

حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ، مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ، تحريڪ انصاف باني، عارف علوي ۽ قاسم سوري تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ  آهي ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، پاڪستان ۽ تحريڪ انصاف گڏ نه ٿا هلي سگهن، تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو،  مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي ويندي، عدالت تحريڪ انصاف کي نه گهرڻ باوجود رليف ڏنو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته هو پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سندن ليڊر هميشه سندن سياسي تربيت ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته سندن ليڊر هميشه مخالفن تي اخلاق جي دائري ۾ رکي ڪري تنقيد جي هدايت ڪئي آهي، تحريڪ انصاف باني فسطائي ذهنيت جو حڪمران هو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته سندس اعليٰ قيادت ۽ عورتن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، ست خون معاف جي نالي سان فلمي ٽريلر هلايو پيو وڃي، هنن هميشه جمهوريت تي يقين رکيو آهي، بدقسمتي سان سندس سٺي تربيت ۽ بردباري کي ڪمزوري سمجهيو ويو.

هن چيو ته سندن صبر ۽ سياسي تربيت کي ڪمزوري سمجهيو پيو وڃي، گارگند جي ڪلچر معاشري کي ورهائي ڇڏيو آهي، 2014ع جي ڌرڻن کان وٺي اڄ تائين هڪ مخصوص ذهنيت کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، بس هاڻي گهڻو ٿي ويو، سندن بردباري ۽ صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڪيس داخل ڪندي، سمورين شين کي ڏسندي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ويندي، آرٽيڪل 17 حڪومت کي ملڪ مخالف سرگرمين ۾ ملوث پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو اختيار ڏئي ٿو.

عطا تارڙ چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته وڳوڙين تي پابندي لڳائڻي پوندي، آءِ ايم ايف کي خط لڳڻ تحريڪ انصاف جي ملڪ دشمن ايجنڊا جو حصو هو، ملڪ سان هاڻي راند کيڏڻ نه ڏني ويندي، تحريڪ انصاف باني، عارف علوي ۽ قاسم سوري تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ اماڻيو ويندو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي ٽنهي ماڻهن خلاف وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد ريفرنس اماڻيو ويندو، ملڪ مخالف سرگرمين ۾ ملوث پرڏيهه ويٺل عنصرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت ۽ اتحادي نظرثاني درخواست داخل ڪندا.

عطا تارڙ چيو ته  نظرثاني درخواست ۾ اها اپيل ڪئي ويندي جن کي رليف ڏنو ويو، ڇا هنن گهريو هو؟، هڪ سياسي پارٽي کي اهو حق ڏنو ويو جيڪو هن گهريو ئي نه هو…………

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون