ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته هزارا ايڪسپريس حادثو دهشتگردي ٿي سگهي ٿي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ٽرين جي رفتار مناسب هئي، حادثي وقت ريل 45 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار هلي رهي هئي.
هن چيو ته امدادي سرگرميون مڪمل ٿيڻ بعد حادثي جي جاچ ٿيندي، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
خواجه سعد رفيق چيو ته حڪومت جا ٻه ٽي ڏينهن رهجي ويا آهن، ڊپ هو ته ڪو حادثو نه ٿي وڃي ۽ ائين ئي ٿيو، اها دهشتگردي ٿي سگهي ٿي.
وفاقي وزير چيو ته حادثو فني خرابي يا لائن ۾ مڪينيڪل فالٽ جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو، ان جو فيصلو ايف جي آءِ آر طرفان ڪيو ويندو