هزارا ايڪسپريس ٽرين حادثي جي شروعاتي رپورٽ ۾ سول ۽ ميڪينڪل شعبن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
ٽرين حادثي ۾ شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي ئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته پٽڙي ٽٽڻ، فش پليٽ نه هجڻ، انجڻ جي خراب ويل ۽ ٽريڪ ۾ خرابي وارو معاملا حادثي جو سبب بڻيا.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته واقعي ۾ دهشتگردي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.
ٽرين حادثي جو سبب سول ۽ ميڪنيڪل شعبن جي نااهلي ٻڌايو ويو آهي، جوائنٽ سرٽيفڪيٽ ۾ حادثي جو سبب پٽڙي ٽٽڻ ۽ فش پليٽ نه هجڻ به ٻڌايو ويو آهي.
شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو ته حادثي جو شڪار ٽرين انجڻ جا ڦيٿا به خراب حالت ۾ هئا، ٽريڪ کي ڳنڍيندڙ لاءِ فش پليٽ موجود ئي نه هئي.
ريلوي عملدارن موجب جوائنٽ سرٽيفڪيٽ رپورٽ قطعي ناهي هوندي، قطعي رپورٽ وفاقي انسپيڪٽر ريلوي طرفان جاچ مڪمل ڪرڻ بعد جاري ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي ريلوي جي سول ۽ مڪينيڪل شعبي حادثي جي ذميواري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.