تازه ترين
حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي بابت پ پ کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي: مراد علي شاهه پي ٽي آءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته سندن حق آهي، حالتن جا ذميوار تحريڪ انصاف وارا پاڻ آهن؛ شرجيل ... مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون برپا آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي هاڻي گهڻو ٿي ويو، پاڪستان ۽ تحريڪ انصاف گڏ نه ٿا هلي سگهن، تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ لاءِ ڪيس داخل ڪ... مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني طور عمل ڪرڻ ممڪن ن... لاهور جي عدالت 9 مئي ڀڃڊاهه بابت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي... سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 14ڄڻا فوت ۽ 29 زخمي

هزارين معصوم ٻارڙن کي مارڻ ۽ معذور ڪرڻ سان امن قائم نه ٿيندو: پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري جمائما

پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ چيو آهي ته هزارين معصوم ٻارڙن کي مارڻ ۽ معذور ڪرڻ سان امن قائم نه ٿيندو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي ماضي جا ڪجهه تجربا شيئر ڪندي غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي حوالي سان ڳلهه ٻولهه ڪئي .

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جمائما گولڊ چيو ته هو سمجهي ٿي ته ٽوئيٽر تي بحث ۾ الجهڻ فائديمند نه آهي، يهودي ۽ مسلمان ٻنهي مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندس خاندان جو حصو آهن ۽ سندس دوستن ۾ شامل آهن ۽ هوءَ انهن سان گهڻو پيار ڪري ٿي.

هن چيو ته  هوءَ 10سال هڪ مسلم ملڪ پاڪستان ۾ رهي آهي، هوءَ غزه ۽ اولهه ڪناري به وڃي چڪي آهي ۽ سندس اسرائيل سان به تاريخي خانداني تعلق آهي.

جمائما گولڊ سمٿ چيو ته کيس يهودي هجڻ سبب قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي چڪيون آهن، کيس ڪيترائي سالن تائين يهودي مخالف نظرين جو منهن ڏسڻو پيو.

هن چيو ته  سندس ٻارن جي پيءُ (پي ٽي آءِ چيئرمين) کي گولي هنئي وئي، حملو ڪندڙن چيو ته يهودين سان جي ويجهڙائپ جي ڪري حملو ڪيو، سندس ٻارن کي برطانيا ۾ اسلام فوبيا ۽ پاڪستان ۾ کيس يهودي مخالف نظرين جو منهن ڏسڻو پيو.

جمائما گولڊ سمٿ وڌيڪ چيو ته شايد انهن تجربن جي ڪري هوءَ سمجهي ٿي ته سياست جي بنياد تي گروهه بندي امن جي دشمن آهي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ اسرائيلن جي بهادري ۽ ديانتداري کان متاثر آهي جنهن گذريل ڪجهه سالن ۾ پنهنجي عزيزن کي وڃائڻ باوجود غزه تي جاري بمباري خلاف بيان ڏنا آهن.

جمائما گولڊ سمٿ چيو ته سندس دعا آهي ته انهن جو آواز ٻڌو وڃي، وڌيڪ هزارين معصوم ٻارڙن کي مارڻ ۽ معذور ڪرڻ سان يرغمالين کي نه ٿو بچائي سگهجي ۽ نه ئي ان سان امن قائم ٿيندو، نه ئي نائن اليون کانپوءِ عراق ۽ افغانستان جي جنگين جيان امڪاني طور تي سندن لاءِ وڌيڪ دهشتگردي ۽ گهٽ محفوظ دنيا ئي پيدا ٿيندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
48 %
2.4kmh
37 %
خميس
33 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون