پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان لاءِ سفارتي لحاظ کان اهم رهيو، پاڪستان جي اعليٰ قيادت جي دورن سان مختلف ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي هر فورم تي حمايت جاري رکندو، ڀارتي سڪيورٽي فورسز هٿين خالي ڪشميرين کي نشانو بڻائي رهي آهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هلندڙ سال پاڪستان لاءِ سفارتي لحاظ کان اهم رهيو، پاڪستان جي اعليٰ قيادت جي دورن سان مختلف ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان، ترڪيه، يو اي اي ۽ برطانيا جا دورا ڪيا، اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق، هنگري، جاپان، روس ۽ يو اي اي جا دورا ڪيا جڏهن ته اڳوڻي مملڪتي وزير بيلجيم، ڊنمارڪ، ناروي، قطر، سريلنڪا، سويڊن، ازبڪستان ۽ برطانيا جا دورا ڪيا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪويت ۽ گڏيل عرب امارتن جا ٻه طرفا دورا ڪيا، نگران وزيراعظم، چين، سعودي عرب، ازبڪستان، يو اي اي ۽ آمريڪا ۾ عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي.
هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير چين، آذربائيجان، يو اي اي ۽ برطانيا ۾ عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي، نگران پرڏيهي وزير لنڊن ۾ ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي، آسٽريليا، آذربائيجان، چين، ڊنمارڪ، فرانس، فن لينڊ، برونائي، ايران ۽ جاپان سان ٻه طرفا صلاح مشورا ڪيا ويا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي هر فورم تي حمايت جاري رکندو، ڀارتي سڪيورٽي فورسز هٿين خالي ڪشميرين کي نشانو بڻائي رهي آهي.