تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

همايون ڀرسان ريلوي پٽڙي تي ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون: وڏي وزير جو نوٽيس

- Advertisement -
همايون ڀرسان ريلوي پٽڙي تي ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي مڪمل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. همايون ٿاڻي جي حد بيگاري ڪئنال ويجهو راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. چار بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، امدادي ڪارروايون جاري آهن. ريلوي ٽريڪ متاثر ٿيڻ سبب ٽرين جي روانگي عارضي طور معطل ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙي جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو، جڏهن ته ڊي ايس ريلوي واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جو نوٽيس ورتو. وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته زخمي کي فوري طور طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏني وئي ته متاثر مسافر کي شروعاتي طبي امداد ڏني پئي وڃي. وڏي وزير ڌماڪي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي ته ريلوي ٽريڪ تي صبح 10 لڳي 20 منٽن تي ڌماڪو ٿيو جنهن سبب جعفر ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ٽرين گزري رهي هئي. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته واقعي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڌماڪو رياست خلاف ڪارروائي آهي، ڪنهن کي معاف نه ڪيو ويندو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون