تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ احتجاجي ريليون  ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڊکڻ ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ شھرين نوجوان اتحاد، جي يو آءِ، ايم ڊبليو ايم، جسقم ۽ ٻين پاران پرديپ ڪمار، اسلم لاشاري، سلمان سومري، ربنواز منگي، مولانا ثناءُ الله چانڊئي ۽ مستنصر مهدي جي اڳواڻيءَ ۾ شاهي بازار کان شڪارپور رتوديرو انڊس هاءِ وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

وارهه ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ سماجي اڳواڻ نياز حيدري، عارف تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دوڙ ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين طرفان ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، بادل بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور سميت صوبي مان اغوا ٿيلن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

هنن چيو ته ڪشمور مان اغوا ٿيلن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ هندو برادري سان ٻڌي طور احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪشمور سميت ٻين علائقن مان اغوا ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرائي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون