تازه ترين

هنن جي ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڏيڻ واري گهر تي اڃا عمل نه ڪيو ويو آهي: پ پ اڳواڻ نثار کهڙو

پ پ اڳواڻ نثار کهڙي جو چوڻ هو ته هنن جي ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڏيڻ واري گهر تي اڃا عمل نه ڪيو ويو آهي، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ جي لاءِ اسيمبلي سميت هر فورم تي آواز اٿاريو ويو پر ڪوبه ٻڌڻ وارو نه هو، ايريگيشن جا ٻيا به طريقا آهن سنڌ جي درياهه تي ڌاڙو نه هنيو وڃي، پيرا 2 تحت جيڪو پاڻي ڏيڻو اهو ته ڇوڙ ڪيو وڃي، برساتن جي پاڻي سان ڪٿي ڊيم ڀرجي سگهي ٿو.

هن چيو ته ارسا ايڪٽ وارو معاملو هروڀرو ايوان صدر جي کاتي ۾ وڌو پيو وڃي، نگران حڪومت ۾ آرڊيننس ٺاهيو ويو پر پاس نه ٿيو، سنڌو درياهه تي ڪوبه نئون ڪينال قبول نه ڪيو ويندو.

نثار کهڙي چيو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪجهه ٿيو ناهي، ٿيندو ته رد ڪندا، پيپلزپارٽي نون ڪينالن خلاف ڀرپور احتجاج ڪندي، نوان ڪينال ٺهڻ نه ڏيندا.

پ پ اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ نگران حڪومت ۾ گرين پاڪستان جو منصوبو جوڙڻ جو اعلان ڪري لکين ايڪڙ زمين جي گهر ڪئي وئي، جيڪڏهن پاڻي ناهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪيئن ٿيندي؟ خريف ۽ ربيع ۾ ارسا پاڻي گهٽ هجڻ جا بار بار اطلاع ڏيندي رهي آهي ان جو مقصد پاڻي نه هجڻ سبب سنڌ جا فصل نٿا ٿي سگهن.

نثار احمد کهڙي جو چوڻ هو ته هنن چيو ته پاڻي آهي ئي ڪو نه ته وڌيڪ فصل ڪيئن پوکبا؟ نگران حڪومت آرڊيننس جوڙيو جنهن کي به رضامندي نه ملي.

نثار کهڙي چيو ته سي ڊي ڊبليو پي ۾ ڪينال جي ڳالهھ نڪتي ته سنڌ حڪومت ان کي رد ڪري اعتراض واريا آهن، سندس ميمبر هئڻ دوران هڪ ڪينال جي گهر ڪئي وئي ۽ ارسا لکيو ته پاڻي موجود آهي، جيڪڏهن پاڻي آهي ته پوءِ سنڌ لاءِ کوٽ ڇو هئي هنن ان کي سي سي آئي ۾ رکڻ جي ڳالھه ڪئي.

نثار کهڙي جو چوڻ هو ته ارسا ايڪٽ به اسيمبلي ۾ بحث هيٺ نه آندو ويو نه ئي پيش ڪيو ويو، ترميم جو حق صرف پارليامينٽ کي آهي جنهن ۾ آيو ئي ناهي.

سندس چوڻ هو ته اهي وفاقي حڪومت ۾ ناهن نه ئي ان جو حصو آهن، پارليامينٽ ۾ ساٿي ضرور آهن.

هن چيو ته سي ڊي ڊبليو پي آخري اسٽيج ناهي ايڪنڪ سميت ٻيا وڌيڪ فورم آهن، انهن پنهنجي اعتراض رکيا ۽ ٻڌايا آهن ۽ ٻڌائيندا.

نثار کهڙي جو چوڻ هو ته پ پ چيئرمين به خدشا ظاهر ڪيا آهن، ناراضگي ڏيکاري آهي، ان سبب پيپلز پارٽي خدشا ڏيکاري، آخري مرحلو ناهي، پنهنجو آواز اٿاريو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون