تازه ترين

هن ڀيري ڀارت انشاءَ الله پنهنجي جهازن جي ملبي ۾ دفن ٿيندو؛ خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڀارت جي اعلى سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادت جي چڙ ڏياريندڙ بيانن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته هن ڀيري ڀارت انشاءَ الله پنهنجي جهازن جي ملبي ۾ دفن ٿيندو. بچاءَ واري وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري پيغام ۾ چيو ته ڀارتي فوجي ۽ سياسي قيادت جا بيان مٽيءَ ۾ مليل ساک ٻيهر بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. سندس چوڻ هو ته ايتري فيصلائتي شڪست کانپوءِ جنهن جو اسڪورٽ ڇهه ٻڙي رهيو هجي ٻيهر اڳرائي جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسڪور ان کان وڌيڪ بهتر هوندو. بچاءَ واري وزير چيو ته جهڙي طرح ڀارت ۾ عوامي راءِ تاريخ جي بدترين شڪست کانپوءِ حڪومت خلاف ٿي ۽ مودي ۽ سندس ٽولو پنهنجي ساک وڃائي ويٺو آهي ان جو پريشر ليڊرشپ جي بيانن مان ظاهر ٿي رهيو آهي. خواجا آصف چيو ته پاڪستان الله جي نالي سان ٺهيل رياست آهي ۽ سندن محافظ الله جا سپاهي آهن، ان ڀيري ڀارت انشاءَ الله پنهنجي جهازن جي ملبي ۾ دفن ٿيندو ……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون