تازه ترين

هوائي فوج جي جوانن جرئت ۽ بهادي جي نئين تاريخ لکي ڇڏي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ست سيپٽمبر 1965ع تي هوائي فوج جي شاهينن جرئت، بهادري ۽ شجاعت جي تاريخ رقم ڪئي، عددي انگ گهٽ هئڻ باوجود هوائي فوج جي بهادر جوانن پنهنجي بهادري سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، ايم ايم عالم هڪ منٽ اندر دشمن جي پنجن جهازن کي تباهه ڪيو.

هوائي فوج جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف هوائي فوج کي بيمثال قربانين ۽ پيشواراڻي صلاحيتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ست سيپٽمبر 1965ع تي هوائي فوج جي شاهينن جرئت، بهادري ۽ شجاعت جي تاريخ رقم ڪئي، عددي انگ گهٽ هئڻ باوجود هوائي فوج جي بهادر جوانن پنهنجي بهادري سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

وزيراعظم چيو ته ايم ايم عالم هڪ منٽ اندر دشمن جي پنجن جهازن کي تباهه ڪري دشمن جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

شهباز شريف چيو ته سڄي قوم کي هوائي فوج تي فخر آهي، هو وطن جي خاطر پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪندڙ هوائي فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪن ٿا.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون