- Advertisement -
هوسڙي ڀرسان گهر مان ناريءَ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي، وارثن چيو آهي ته ناري دماغي توازن ٺيڪ نه هجڻ ڪري ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.
ڳوٺ باغ واهه ۾ 25ورهين جي سيمان ڌيءُ رمضان ڪڇي جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو.
پيءُ رمضان ٻڌايو ته نياڻي جي دماغي توازن ٺيڪ نه هو ڪيترائي ڀيرا اڳ به آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اڄ گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
آخري اطلاعن تائين ناري جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو هو ، جڏهن ته پوليس پاران موقف نه ڏنو ويو- Advertisement -
