تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

هو سڀ عظيم ۽ مقدس ڌرتي جا رهواسي آهن، ڌرتي کي جنت بڻائڻ لاءِ ھر قسم جي شدت پسندي کي شڪست ڏيڻي پوندي: آصف علي زرداري

- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو سڀ عظيم ۽ مقدس ڌرتي جا رهواسي آهن، ڌرتي کي جنت بڻائڻ لاءِ ھر قسم جي شدت پسندي کي شڪست ڏيڻي پوندي. بلوچ ثقافتي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان جي تھذيب ۽ ثقافت تي بلوچ قوم کي فخر آھي، پنھنجي ثقافت کي زنده رکڻ واريون قومون ھميشه زندھھ رھنديون آھن. هن چيو ته ھر فرد کي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ گھرجي، باوقار قومون پنھنجي ثقافت ۽ ٻولي کي ڪڏھن ناھن وسارينديو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رھندڙ تمام قومون ملڪ جي لاءِ گلدستا آھن، هو عظيم ۽ مقدس ڌرتي جا رهواسي آهن،. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به بلوچ ثقافتي ڏھاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ھر پاڪستاني خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ ضروري آھي ته ھو پاڪستان جي قديم شاندار ثقافت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪن. هن چيو ته بلوچ ثقافت ڏھاڙو سڀني پاڪستانين کي بلوچ ڀيڻ ڀائرن سان گڏجي ملهائڻ گھرجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ھر علائقي جي ثقافت کي هٿي ۽ تحفظ ڏيڻ لاءِ پر عزم آھن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنھنجي بلوچ ڀيڻ  ڀائرن سان گڏجي ثقافت ڏھاڙي کي ملھائڻ تي فخر آھي……..  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون