- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو سڀ عظيم ۽ مقدس ڌرتي جا رهواسي آهن، ڌرتي کي جنت بڻائڻ لاءِ ھر قسم جي شدت پسندي کي شڪست ڏيڻي پوندي.
بلوچ ثقافتي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان جي تھذيب ۽ ثقافت تي بلوچ قوم کي فخر آھي، پنھنجي ثقافت کي زنده رکڻ واريون قومون ھميشه زندھھ رھنديون آھن.
هن چيو ته ھر فرد کي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ گھرجي، باوقار قومون پنھنجي ثقافت ۽ ٻولي کي ڪڏھن ناھن وسارينديو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رھندڙ تمام قومون ملڪ جي لاءِ گلدستا آھن، هو عظيم ۽ مقدس ڌرتي جا رهواسي آهن،.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به بلوچ ثقافتي ڏھاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ھر پاڪستاني خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ ضروري آھي ته ھو پاڪستان جي قديم شاندار ثقافت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪن.
هن چيو ته بلوچ ثقافت ڏھاڙو سڀني پاڪستانين کي بلوچ ڀيڻ ڀائرن سان گڏجي ملهائڻ گھرجي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ھر علائقي جي ثقافت کي هٿي ۽ تحفظ ڏيڻ لاءِ پر عزم آھن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنھنجي بلوچ ڀيڻ ڀائرن سان گڏجي ثقافت ڏھاڙي کي ملھائڻ تي فخر آھي……..
- Advertisement -
