امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته هو غزه ۾ حقيقي وقفو چاهين ٿا ته جيئن ضرورتمندن تائين امداد پهچي سگھي.
برسلز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي انٽوني بلنڪن جو چوڻ هو ته غزه ۾ فلسطينين جي ضرورتن کي پور ڪرڻ جو بهترين طريقو جنگ جو خاتمو آهي.
انٽوني بلنڪن جو چوڻ هو ته انساني امداد بابت پنهجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي، اسرائيل غزه ۾ پنهنجا مقصد ماڻي ورتا آهن هاڻي هي جنگ ختم ڪرڻ جو وقت هجڻ گھرجي.
امريڪي پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ حماس تي ڪجهه حقيقي، پائيدار ۽ موثر دٻاءُ وجهڻ به بهتر هوندو.