پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ وزيراعظم هو جيڪو چوندو هو ته 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو، ان وزيراعظم کي چار سال مليا، هڪ گهر به نه ٺاهي سگهيو.
گهوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺهرائڻ بابت تقريب کي خطاب ڪندي ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل حڪومت ۾ نوڪريون ۽ گهرن جو واعدو ڪندڙن عوام کي مايوس ڪيو، پيپلز پارٽي عوام سان جيڪو واعدو ڪيو پورو ڪري ڏيکاريو.
هن چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ صوبو وڌيڪ متاثر ٿيو، ٻوڏ متاثرن کي زمينن جا مالڪاڻا حق ۽ گهر ٺهرائي ڏنا ويندا.
پرڏيهي وزير چيو ته سنڌ جو عوام محنت سان ايندڙ نسلن جي تقدير تبديل ڪري سگهي ٿو، غربت جي خاتمي لاءِ عورتن کي بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام دوست حڪومت آهي، اڄ کان پوءِ گهوٽڪي سردارن جو نه، پر عام ماڻهوءَ جو شهر آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پڪن گهرن جي اڏاوت لاءِ آسان قرض ڏئي رهيا آهيون، اهڙا گهر ٺاهينداسين جيڪي ٻيهر ٻوڏ سبب ڊهي نه پوندا.
هن چيو ته مستقبل ۾ جيڪڏهن وفاق ۾ سندن حڪومت آئي ته سڄي ملڪ ۾ هر ڪچي گهر ۾ رهندڙ کي هڪ پڪو گهر ۽ زمين جو مالڪ بڻائڻ جو منصوبو جوڙينداسين.
پرڏيهي وزير چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهر ڏيڻ جو پروگرام آهي، گهرن جي تعمير لاءِ عورتن جي نالي تي اڪائونٽ کوليا ويندا