هڱورجا مان اغوا ٿيل صحافي فياض سولنگي جو سندس ڀاءُ ايڊووڪيٽ اشتياق سولنگي جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
نوابشاهه ۾ قلم ڌڻين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف فدا چانڊيو، تاج رند، لطيف خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ٽنڊي محمد خان ۾ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف رمضان شوري، عبدالحفيظ ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
قمبر ۾ قلم ڌڻين پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف محمد مٺل کوسي، اڪبر ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٺارو شاهه ۾قومپرست اڳواڻن ۽ صحافين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف حافظ جڙيل منگي، فاروق ڏهراج، ساجد عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
گمبٽ ۾ جي ڊبليو سي جي مرڪزي سڏ تي صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف عمران شاهاڻي، فياض ملڪ، حيدر اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اوٻاوڙي ۾ جي ڊبليو سي جي سڏ تي صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف گل محمد پنهور، علي نواز سپيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
خانپور مهر ۾ صحافين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف عظيم سيال، ميهر مهر، نواب ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٺڪراٺي ۾ شهرين ۽ قلم ڌڻين پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
شهدادپور ۾ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
راڻيپور ۾ سپوا ضلعي خيرپور پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف رستم علي لغاري، خالد حسين سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪنب ۾ سنڌ گريجوايشن ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف منظور اڄڻ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سانول ڳاهو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٻٻرلي ۾ قلم ڌڻين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف لالا اسد پٺاڻ، آصف ظهير لوڌي، حيدر مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ڳڙهي ياسين ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف دلشاد احمد، محمد اسلم ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڍورو نارو ۾ صحافين پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف فيض محمداڻي، عبدالستار، علي جماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مانجهند ۾ قلم ڌڻين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف محسن خاصخيلي، يوسف عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
اڏيري لال ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
نندو ۾ قلم ڌڻين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف ايوب کٽي، خادم ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
دڙي ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف منٺار ٺاراڻي، اشرف پليجو، غلام مصطفيٰ ڪڇي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سيوهڻ ۾ صحافين پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف رياض حسين جمالي، آصف ملاح، شيراز جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ننگر پارڪر ۾ قلم ڌڻين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف اياز خاصخيلي، عثمان رياض ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
تلهار ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف منجي لال، مظهر حسين ڪهيري، عبدالصمد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
لکي غلام شاهه ۾ مختلف ڌرين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف هدايت الله مهر، عبدالرزاق بروهي، اعجاز منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
چڪ ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف نثار احمد جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ڪوٽڙي ۾ صحافين پاران صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف ڌڻي بخش باريجو، قربان پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
کورواهه ۾ قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان صحافي فياض سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف خليل درس، سومار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس مغوي صحافي فياض سولنگي کي اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.
هنن چيو ته بدامني سبب هاڻي قلم ڌڻي به غير محفوظ بڻجي ويا آهن، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.
اڳواڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي صحافي فياض سولنگي کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي…………….