هڱورجا ۾ بااثرن پاران زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي پنهنجي والد سان گڏجي احتجاج ڪيو آهي.
ڳوٺ ٻيڙو گهانگهرو جي رهواسي ميانداد گهانگهرو پنهنجي پيرسن والد سان گڏجي بااثرن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته ڳوٺ جا بااثر هٿياربندن جي مدد سان سندن زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي