تازه ترين

وارهه ۾ قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي وارثن تي ڪجهه سياسي مخالف پريشر ڏئي سندس نالو کڻائڻ ٿا، قانوني ادارا آزاد آهن:

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر مگسي چيو آهي ته وارهه ۾ قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي وارثن تي ڪجهه سياسي مخالف پريشر ڏئي سندس نالو کڻائڻ ٿا، قانوني ادارا آزاد آهن، مقتول جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي.

مير نادر مگسي شھدادڪوٽ تعلقي اسپتال جو دورو  ڪري مريضن جون شڪايتون ٻڌيون ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي .

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي چيو ته مقتول غلام سرور چانڊيو جي وارثن تي ڪجهه سياسي مخالف پريشر ڏئي سندس نالو کڻائڻ ٿا، کيس قاتلن جي مالڪن جي خبر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ام ارباب چانڊيو اليڪشن ۾ سندس 4پولنگ اسٽيشن سنڀاليندي آهي ۽ پيپلزپارٽي جي مدد ڪئي آهي، ان ڪري ٻوڏ دوران ام رباب جي ماڻهن جي مدد ڪئي.

سندس چوڻ هو ته قانوني ادارا آزاد آهن، مقتول غلام سرور چانڊيو جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي.

مير نادر مگسي وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جو چٽو موقف آهي ته اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجي پر اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي.

مير نادر مگسي وارهه پهچي اجتماعي زيادتي بعد فوت ٿي ويل ناري نازيا چنا جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ميديا سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي چيو ته شهيد نازيا چنا سان زيادتي ڪندڙ سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

هن چيو ته ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ سان رابطو ڪري واقعي جا تفصيل ورتا آهن، ڪيس ۾ گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي ……..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
4.6kmh
76 %
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون