- Advertisement -
والاريل اولهندي ڪناري جي شهي جنين ۾ اسرائيلي فوج حملا تيز ڪري ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته ٽن ڏينهن اندر مٽيءَ جي ڍيرن مان 200 کان وڌيڪ لاش ڪڍيا ويا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرئيلي فوج جنين شهر ۾ گهرن تي راڪيٽ حملا ڪيا جنهن ۾ 8 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، هيبرون ڀرسان هڪ ڳوٺ تي اسرائيلي آبادڪارن جي حملي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا.
عرب ميديا موجب، اسرائيلي فوج رفح ۾ ملبو هٽائيندڙن کي به بخش نه ڪيو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
آپريشن دوران جنگ هيلڪاپٽرن ۽ ٽينڪن جو استعمال ڪيو ويو جڏهن ته غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ تباهه ٿيل حماسهيڊڪوارٽر ٻاهران پوليس مقرر ڪئي وئي.
ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير مارڪورو بيو ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.
رابطي دوران امريڪي پرڏيهي وزير اسرائيلي وزيراعظم کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ حزب الله ۽ حماس خلاف ڪامياب ڪاررواين تي مبارڪباد ڏني.
امريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي لاءِ امريڪي سهڪار ٽرمپ جي پهرين ترجيح آهي.- Advertisement -
