والاريل ڪشمير ۾ پاڪستاني قوم کي آزادي جون مبارڪون ڏيڻ لاءِ پوسٽر لڳي ويا آھن.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستان جي 76ھين آزادي جي ڏھاڙي جي مبارڪن وارا پوسٽر مختلف علائقن ۾ لڳايا ويا آھن.
پوسٽرن ۾ پاڪستاني عوام کي 76ھين يوم آزادي جون مبارڪون ڏنيون ويون آھن. پوسٽرن تي لکيل آھي تھ ڪشمير پنھنجي پاڻ کي پاڪستان جو حصو سمجھي ٿو، ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق جي جدوجھد ڪري رھيا آھن.