احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهيت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني.
پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ شروعات ڪئي ته اوپنرن محتاط شروعات ڪئي، پر اوپنر عبدالله شفيق آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد امام الحق به 36 رنسون ٺاهي موٽ ڪئي.
ٻه وڪيٽون ڪرڻ بعد ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ذميواريءَ سان بيٽنگ ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٻنهي ڄڻن 82 رنسن جي ڀائيواري ڪئي.
بابر اعظم 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪپتان جي آئوٽ ٿيڻ بعد پاڪستاني بيٽرن جي لائن لڳي وئي ۽ هڪٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا ويا.
رضوان 49 رنسون آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ سعود شڪيل 6، افتخار احمد 4، شاداب خان 2، محمد نواز 4، حسن علي 12 ۽ حارث رئوف 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ائين پاڪستاني ٽيم 42 ڏهائي 5 اوورن ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڀارت طرفان ڀمرا، محمد سراج، هاردڪ پانڊيا، ڪلديپ يادو ۽ جديجا 2-2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان طرفان مليل 192 رنسن جو آسان حدف ڀارتي ٽيم 30 ڏهائي 3 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڀارت طرفان ڪپتان روهيت شرما 86، شيرياس اَيـَر 53 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته شبمن گل ۽ ورات ڪوهلي سورهن سورهن رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪي ايل راهول 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
جسپرت ڀمرا کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو