تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ورلڊڪپ جي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهيت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ شروعات ڪئي ته اوپنرن محتاط شروعات ڪئي، پر اوپنر  عبدالله شفيق آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد امام الحق به 36 رنسون ٺاهي موٽ ڪئي. ٻه وڪيٽون ڪرڻ بعد ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ذميواريءَ سان بيٽنگ ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٻنهي ڄڻن 82 رنسن جي ڀائيواري ڪئي. بابر اعظم 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪپتان جي  آئوٽ ٿيڻ بعد پاڪستاني بيٽرن جي لائن لڳي وئي ۽ هڪٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا ويا. رضوان 49 رنسون آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ سعود شڪيل 6، افتخار احمد 4،  شاداب خان 2، محمد نواز 4، حسن علي 12 ۽ حارث رئوف 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ائين پاڪستاني ٽيم  42 ڏهائي 5 اوورن ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارت طرفان ڀمرا، محمد سراج، هاردڪ پانڊيا، ڪلديپ يادو ۽ جديجا 2-2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان طرفان مليل 192 رنسن جو آسان حدف ڀارتي ٽيم 30 ڏهائي 3 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڀارت طرفان ڪپتان روهيت شرما 86، شيرياس اَيـَر 53 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته شبمن گل ۽ ورات ڪوهلي سورهن سورهن رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪي ايل راهول 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. جسپرت ڀمرا کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون