تازه ترين

ورلڊڪپ جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ، ٽائٽل جو دفاع ڪندڙ انگلينڊ کي آسانيءَ سان نون وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ورلڊڪپ جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ، ٽائٽل جو دفاع ڪندڙ انگلينڊ کي آسانيءَ سان نون وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ميگا ايونٽ جي شروعات 2019ع ۾ فائنل کيڏندڙن ٻنهي ٽيمن انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ ڪئي.

احمد آباد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ نون وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون.

انگلينڊ طرفان جو روٽ 77، جوز بٽلر 43 ۽ جوني بيرسٽو 33 رنسون ٺاهي ناميان رهيا.

ڪيويز طرفان ميٽ هينري 3، مچل سيٽنرَ ۽ فلپ 2-2، ٽرينٽ بولٽ ۽ رونڊرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

انگلينڊ طرفان مليل 283 رنسن جو حدف نيوزيلينڊ جي ٽيم آسانيءَ سان 36 ڏهائي 2 اوورن ۾ هڪ وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ڪيويز جي ٽيم بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته ول ينگ ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد   ڪانوي ۽ راچن روندرا شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي انگلش بالرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون.

ٻنهي بيٽرن گرائونڊ جي چئني پاسي اسٽروڪ کيڏي انگلش ٽيم کي سنهي بهه مان ڪڍيو ۽ 283 جهڙو فائيٽنگ ٽائيٽل آسانيءَ سان 37هين اوورن ۾ هڪ وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ڪانوي ۽ ورندرا ورلڊڪپ جون پهريون سنچريون به هنيون ۽ ناٽ آئوٽ واپس موٽيا، ڪانوي ٽن ڇڪن ۽ سورهن چوڪن جي مدد سان 152 ۽ روندرا پنجن ڇڪن ۽ يارهن چوڪن جي مدد سان 123 رنسن جي اننگز کيڏي. هڪ وڪيٽ وٺڻ ۽ شاندار سنچري تي روندرا کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون