ورلڊ ڪپ سبب ٽيم  ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي ضرورت ناهي: شاهدآفريدي

- Advertisement -
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهدآفريدي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ سبب ٽيم  ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي ضرورت ناهي، عالمي ايونٽ جي ڀرپورنموني تياري ڪرڻ گهرجي،  قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو رڳو هڪ ڪپتان هجي جيئن جهيڙو ئي ختم ٿي وڃي. شاهد آفريدي فائونڊيشن ۽ ميڊيڪيم گروپ وچ  معاهدو ٿي ويو آهي. معاهدي تحت ٻئي ڌريون ڪي اين اڪيدمي ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر هلائينديون. هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور ڪرڪيٽ گرائونڊ موجود آهن، جديد مشينري واري انڊور جم  به هاءِ پرفارمنس سينٽر جو حصو آهي. سڄي ملڪ مان ٽيلنٽ هنٽ کانپوءِ 50 هزار ٻارڙن کي سينٽر ۾ آڻي اسڪالرشپ ذريعي تعليم ڏني ويندي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ بهترين راند جو مظاهرو نه ڪيو آهي. هن چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم پاڻ کي هڪ يونٽ طور ظاهر نه ڪيو،  ڪيترن ئي رانديگرن کي آزمايو ويو. سندس چوڻ هو ته اعظم خان ۽ صائم ايوب بهترين رانديگر آهن،  انتظاميه وٽ رانديگرن کي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي هئڻ گهرجي. شاهد آفريدي چيو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ئي پاڪستان جو سخت مخالف هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
30%
2.4m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون