ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٻيو وڏو اپ سيٽ ٿيو آهي، نيڌرلينڊ جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڌرم شالا ۾ کيڏيل ۾ ميچ ۾ پروٽيز ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ ڊَچ ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، برسات سبب ميچ متاثر ٿي 43-43 اوورن تائين محدود ڪئي وئي.
نيڌرلينڊ جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون.
نيڌرلينڊ بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون ويون ۽ 89 جي مجموعي اسڪور تي اڌ ٽيم واپس پولين موٽي وئي.
اڌ ٽيم آئوٽ ٿيڻ بعد ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊز ذميواري سان بيٽنگ ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو، هن هڪ ڇڪي ۽ ڏهن چوڪن جي مدد سان 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
ٻين رانديگرن ۾ وين ڊير مِرويَ 29، آريان دت 23 ۽ تيجا 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ڏکڻ آفريڪا طرفان نِگيِڊي، جانِسِن ۽ رباڊا 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڊَچ ٽيم طرفان مليل 246 رنسن جي حدف جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪن ٽيم آخري 43هين اوور ۾ 207 تي ڍير ٿي وئي.
پروٽيز طرفان ڊيوڊ ملر 43، ڪِيشَوِ مهاراج 40 ۽ ڪلاِسن 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
نيڌرلينڊ طرفان وَين بِيڪ 3، ڊي لِيڊي، وين مِيڪرن ۽ مِرويَ ٻه ٻه شڪار ڪيا.
78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي نيڌر لينڊ جي ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.