وزيراعظم شهباز شريف اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪوئيٽا پهچي رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف کي جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي بابت بريفنگ ڏني ويندي ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ اهم فيصلا به ڪيا ويندا.
اجلاس دوران سڪيورٽي ادارا جعفر ايڪسپريس آپريشن جي مڪمل تفصيلن کان آگاهه ڪندا.
وزيراعظم شهباز شريف جعفر ايڪسپريس سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ۾ به شرڪت ڪندو.