وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پيپلزپارٽي اهم اتحادي پارٽي آهي، بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان چارٽر آف پارليامينٽ واري تجويز جي هو واکاڻ ڪري ٿو.
وزيراعظم شهبازشريف سان پ پ جي وفد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، وفد ۾ سيد نويد قمر، ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون وارو وزير، اعظم نذير تارڙ، عطا تارڙ ۽ اٽارني جنرل به موجود هئا.
ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پ پ حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پ پ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي قدم ۾ ساٿ ڏنو.
شهبازشريف، بلاول ڀٽو زرداريءَ جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز چارٽر آف پارليامينٽ جي به واکاڻ ڪئي.