وزيراعظم شهبازشريف سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي.
شهبازشريف سان سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، احسن اقبال، احد چيما ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ به شريڪ هو.
ملاقات ۾ وفاقي حڪومت جي سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن ۽ وفاق توڙي صوبي جي سهڪار سان جاري عوامي مفادن واري رٿائن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
وڏي وزير، سنڌ جي ترقي ۾ خاص دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون……….