تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهبازشريف طرفان رمضان پيڪيج يوٽيلٽي اسٽورن کانسواءِ آڻڻ جو اعلان

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، رمضان پيڪيج يوٽيلٽي اسٽورن کانسواءِ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته گذريل سال رمضان ۾ وڏيون شڪايتون آيون هيون، هن ڀيري مائنس يوٽيلٽي اسٽور رمضان پيڪيج آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته جيئن ڪرپشن ختم ڪري سگهجي. خطاب دوران وزيراعظم جنوري ۾ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي آچڻ تي ناڻي واري وزير  محمد اورنگزيب ۽ سندس ٽيم جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم جمرود ۾ پوليو ٽيم مٿان حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ سوين دهشتگردن کي ڇڏيو ويو، جنهن جا نتيجا هاڻي سڀ ڀوڳي رهيا آهن، امن قائم ڪرڻ لاءِ نوجوانن جون قربانيون ياد رکيون وينديون. وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايگريڪلچر ٽيڪس جي منظوري تي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ نوازشريف جا ٿورا پڻ مڃيا. شهبازشريف گوادر پورٽ کي ڪمرشل بنيادن تي آپريشنلائز ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي، جنهن لاءِ رٿابندي ۽ ترقي واري وزير احسن اقبال جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم، گوادر پورٽ جي فائدن بابت آگاهيءَ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. سندس چوڻ هو ته گوادر پورٽ بابت بهترين مارڪيٽنگ ۽ آگاهي جي حڪمت عملي جوڙي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون