وزيراعظم شهبازشريف، رمضان پيڪيج يوٽيلٽي اسٽورن کانسواءِ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته گذريل سال رمضان ۾ وڏيون شڪايتون آيون هيون، هن ڀيري مائنس يوٽيلٽي اسٽور رمضان پيڪيج آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته جيئن ڪرپشن ختم ڪري سگهجي.
خطاب دوران وزيراعظم جنوري ۾ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي آچڻ تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ سندس ٽيم جي ساراهه ڪئي.
وزيراعظم جمرود ۾ پوليو ٽيم مٿان حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ سوين دهشتگردن کي ڇڏيو ويو، جنهن جا نتيجا هاڻي سڀ ڀوڳي رهيا آهن، امن قائم ڪرڻ لاءِ نوجوانن جون قربانيون ياد رکيون وينديون.
وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايگريڪلچر ٽيڪس جي منظوري تي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ نوازشريف جا ٿورا پڻ مڃيا.
شهبازشريف گوادر پورٽ کي ڪمرشل بنيادن تي آپريشنلائز ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي، جنهن لاءِ رٿابندي ۽ ترقي واري وزير احسن اقبال جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم، گوادر پورٽ جي فائدن بابت آگاهيءَ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو.
سندس چوڻ هو ته گوادر پورٽ بابت بهترين مارڪيٽنگ ۽ آگاهي جي حڪمت عملي جوڙي وڃي.