- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم شهبازشريف معيشت بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ سياسي بي اعتمادي، امن امان خراب ۽ بيروزگاري وڌيڪ آهي، مدرسن خلاف ڪريل ٻولي استعمال ڪندڙن خلاف جهاد ڪيو ويندو.
مرادن ۾ جي يو آءِ جي ڪنويشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام کي پارليامينٽ تي اعتماد ناهي، چين به امداد ۽ سهڪار سياسي استحڪام سان مشروط ڪيو آهي.
هن چيو ته ملڪ جي اقتصادي صورتحال خراب آهي، هڪ طبقو ملڪ دشمن عنصرن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ڌانڌليءَ ذريعي اسيمبليءَ تي قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو…………..- Advertisement -
