وزيراعظم شهبازشريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته راولپنڊي ۾ آرمي وار گيمز جي پڄاڻيءَ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهبازشريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، بچاءَ واري وزير خواجه آصف، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ سينيئر فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم کي وار گيم ۽ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين کي بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس آڏو خطرن کي منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم هٿياربندن فوج جي خطي ۾ طاقت جي توازن لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
فوجي قيادت ملڪي سلامتي ۽ دفاع وارو عزم ورجائيندي چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي سڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيا آهي، ملڪ خلاف هر قسم جا ڪـُـڌا ارادا ناڪام بڻايا ويندا.