تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهبازشريف ۽ قطري هم منصب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني وچ ۾ ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف ۽ قطري هم منصب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني وچ ۾ ملاقات ٿي آهي. دوحا ۾ ٿيل  ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته توانائي ۽ ثقافتي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم شهبازشريف، پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ قطر جي سهڪار ۽ انساني همدردي وارن قدمن توڙي سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ترقي جي نون شعبن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ    اعليٰ سطحي وفدن جي اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم شهبازشريف قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت ۾ سيڙپڪاري جي به دعوت ڏني. شهبازشريف، پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ حڪمت عملي بابت قطري وزيراعظم کي آگاهه ڪيو هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ال ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾  منظر آرٽ گيلري جو دورو ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات بعد هڪ ئي گاڏيءَ ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين سفر ڪيو. قطر جي امير وزيراعظم شهبازشريف کي پاڻ پاڪستاني فنپارن جي نمائش منظر جو دورو ڪرايو. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ غير روايتي گرمي جوشي ڏسڻ وٽان هئي. وزيراعظم،  قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ طرفان آرٽ گيلري ڪرائڻ ۽ پاڪستاني فنڪارن کي هٿي ڏيڻ تي سندن ٿورا مڃيا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون