تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهبازشريف ۽ قطري هم منصب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني وچ ۾ ملاقات

وزيراعظم شهبازشريف ۽ قطري هم منصب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.

دوحا ۾ ٿيل  ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته توانائي ۽ ثقافتي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم شهبازشريف، پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ قطر جي سهڪار ۽ انساني همدردي وارن قدمن توڙي سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن ترقي جي نون شعبن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ    اعليٰ سطحي وفدن جي اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وزيراعظم شهبازشريف قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت ۾ سيڙپڪاري جي به دعوت ڏني.

شهبازشريف، پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ حڪمت عملي بابت قطري وزيراعظم کي آگاهه ڪيو

هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ال ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾  منظر آرٽ گيلري جو دورو ڪيو.

وزيراعظم ۽ قطر جي امير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات بعد هڪ ئي گاڏيءَ ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين سفر ڪيو.

قطر جي امير وزيراعظم شهبازشريف کي پاڻ پاڪستاني فنپارن جي نمائش منظر جو دورو ڪرايو.

ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ غير روايتي گرمي جوشي ڏسڻ وٽان هئي.

وزيراعظم،  قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ طرفان آرٽ گيلري ڪرائڻ ۽ پاڪستاني فنڪارن کي هٿي ڏيڻ تي سندن ٿورا مڃيا

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون