وزيراعظم شهباز شريف، انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم ٿيڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي، آئيني طريقي تي هلندي هڪ سٺي نالي تي اتفاق ٿيو، انوار الحق ڪاڪڙ هڪ پڙهيل لکيل ۽ محب وطن شخص آهي، سمورين پارٽين طرفان انوار الحق ڪاڪڙ جي نالي تي اعتماد سندن درست چونڊ جي علامت آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف، انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي، آئيني طريقي تي هلندي هڪ سٺي نالي تي اتفاق ٿيو.
سندس چوڻ هو ته هو مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض جو ٿورائتو آهي جنهن صلاح مشوري ۾ مدد ڪئي، انوار الحق ڪاڪڙ هڪ پڙهيل لکيل ۽ محب وطن شخص آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سمورين پارٽين طرفان انوار الحق ڪاڪڙ جي نالي تي اعتماد سندن درست چونڊ جي علامت آهي، اميد آهي ته هو ملڪ ۾ شفاف، آزاد ۽ غير جانبدار چونڊن کي يقيني بڻائيندو.
هن چيو ته 16 مهينن ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي معاشي استحڪام ڏنو، اميد آهي ته ان جو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترقي، تعمير ۽ معاشي بهتري جو تسلسل يقيني بڻائڻ ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ضروري آهي، هو دعاگو آهي ته نگران وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا آئين ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهي.