وزيراعظم شهبازشريف، آزاد ڪشمير جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ 23 ارب جي فنڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، وزيرن ۽ اعليٰ سياسي قيادت شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهبازشريف ڪشميري عوام جي مسئلن جي حل لاءِ 23 ارب رپيا فوري طور فراهمي جي منظوري ڏني.
ڪشميري قيادت فنڊن جي منظوري ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.
بجلي جي بلن ۽ مهانگائي خلاف عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي اپيل تي آزاد ڪشمير ۾ احتجاج جاري آهي، مختلف شهرن ۾ لانگ مارچ پيا ڪيا ويا آهن……….