تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال جو نوٽيس وٺي ملڪ کي وڏي سانحي کان بچائي ورتو آهي : عطا تارڙ

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال جو نوٽيس وٺي ملڪ کي وڏي سانحي کان بچائي ورتو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته  سازش ناڪام ٿيڻ تي ملڪ دشمن مايوس ٿي ويا آهن.

هن چيو ته وقت تي قانونسازي ڪري ملڪ کي سانحن کان بچائي سگهجي ٿو،  حڪومتي قدمن سبب مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته  اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ ٽٽي رهيا آهن،  سياسي مخالفن کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي ته مهانگائي گهٽ ڇو ٿي رهي آهي؟

عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني توشا خانا ۽ سائفر جو جواب ڏيڻ بدران خط لکي رهيو آهي، قول ۽ فعل ۾تضاد سبب پي ٽي آءِ باني جي خطن جي ڪابه حيثيت ناهي.

هن چيو ته سياسي مخالفن کي 9 مئي واقعن تي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون