تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن سرڪاري ادارن کي خانگائڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن سرڪاري ادارن کي خانگائڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ خانگائڻ واري وزارت ۽ خانگائڻ بابت ڪميشن جو  اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خانگائڻ واري وزارت ۽ خانگائڻ بابت ڪميشن طرفان ادارن کي خانگائڻ بابت 2024ع کان 2029ع تائين جي پروگرام جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري  جي ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته خانگائڻ جي عمل ۾ شفافيت کي پهرين  ترجيح ڏني ويندي. شهباز شريف چيو ته اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن حڪومتي ادارن کي خانگايو ويندو. سندس چوڻ هو ته سرڪاري ادارن کي خانگائڻ سان ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو بچندو ۽ خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ بڊنگ۽ اهم مرحلن  کي سڌي ريت نشر  ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻين ادارن  کي  خانگائڻ جا مرحلا به ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويندا. اجلاس کي سرڪاري ادارن کي خانگائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي کي خانگائڻ بابت اڳڀرائي وارو عمل مئي جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي هوٽل روزويلٽ کي خانگائڻ بابت ضروري صلاح مشوار جاري آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون