تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن سرڪاري ادارن کي خانگائڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن سرڪاري ادارن کي خانگائڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ خانگائڻ واري وزارت ۽ خانگائڻ بابت ڪميشن جو  اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ خانگائڻ واري وزارت ۽ خانگائڻ بابت ڪميشن طرفان ادارن کي خانگائڻ بابت 2024ع کان 2029ع تائين جي پروگرام جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري  جي ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته خانگائڻ جي عمل ۾ شفافيت کي پهرين  ترجيح ڏني ويندي.

شهباز شريف چيو ته اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن حڪومتي ادارن کي خانگايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته سرڪاري ادارن کي خانگائڻ سان ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو بچندو ۽ خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

وزيراعظم پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ بڊنگ۽ اهم مرحلن  کي سڌي ريت نشر  ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻين ادارن  کي  خانگائڻ جا مرحلا به ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويندا.

اجلاس کي سرڪاري ادارن کي خانگائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي کي خانگائڻ بابت اڳڀرائي وارو عمل مئي جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي هوٽل روزويلٽ کي خانگائڻ بابت ضروري صلاح مشوار جاري آهن.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون