تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف پاران جلد بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي خوشخبري ڏيڻ جو اعلان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جلد بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي خوشخبري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته حڪومت بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت خوشخبري ملندي، هو ڪجهه ڏينهن ۾ قوم کي خطاب ۾ پنجن سالن جو معاشي پروگرام پيش ڪندو. اسلام آباد ۾ جشن آزادي جي مک تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته آزادي جي ڏهاڙي تي سڀني کي مبارڪ هجي، پاڪستان قائم ۽ دائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي، بزرگن قائداعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي قيام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. سندس چوڻ هو ته 1947ع ۾ پاڪستان، هندستان کان ڌار ٿي هڪ اسلامي فلاحي ملڪ ٺهيو، بدقسمتي سان معيشيت ۽ ٻين شعبن ۾ زوال ايندو رهيو، پنهنجو احتساب ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماضي مان سبق حاصل ڪري منصوبابندي ڪرڻي پوندي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهن جي پريشاني جو احساس آهي، پيش ايندڙ مسئلن جي سببن جو حل ڳولهڻو پوندو. هن چيو ته حالتن جو جائزو وٺي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا زندگي قرضن ۾ گزارڻي آهي؟، هو چاهن ٿا ته امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار ملڪ نه پر سڀني لاءِ هڪجهڙو ملڪ هجي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏنل قربانين جي گهرج آهي ته پاڪستان کي عظيم بڻايون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت خوشخبري ملندي، هو ڪجهه ڏينهن ۾ قوم کي خطاب ۾ پنجن سالن جو معاشي پروگرام پيش ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
43 %
1.4kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون