تازه ترين

پيپلز پارٽي جمهوريت کي مضبوط ڪري ملڪي ترقي ۽ اتحاد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوريت کي مضبوط ڪري ملڪي ترقي ۽ اتحاد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  آزادي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سمورن پاڪستانين کي 77 هين آزادي جي ڏهاڙي جون واڌايون هجن. هن  چيو ته هو ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ برابري جي بنيادي اصولن جي پاسداري کي يقيني بڻائيندا، 1973ع جو آئين آزادي جي تحريڪ جي جذبي جو ثبوت آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته 1973ع جو آئين ملڪ جي مستقبل جو متفقه پلان آهي، هو  قوم جي باني جي ويزن موجب جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي هو پنهنجي وڏڙن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا. هن چيو ته هو  پنهنجي بزرگن کي سلام پيش ڪن ٿا، جن سندن آزادي ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ ان جي جمهوري نظرين جي عڪاسي ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ماضي مان سبق سکڻ جو ڏينهن آهي، اسان جي ملڪ جو بنياد مثالي آئين پرست ۽ جمهوري اڳواڻ رکيو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريت بنيادي آزادي ۽ حقن کي ڪمزور ڪيو، پيپلز پارٽي باني جي اصولن ۽ ويزن تي قائم آهي، قائد عوام شهيد ڀٽو جو نظريو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو فلسفو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
46 %
2kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون