وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.
ڪابينا جو اجلاس منجهند ٻارهين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
ايجنڊا موجب، ڪابينا اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي ڇڪتاڻ وار صورتحال تي به غور ٿيندو.
ان سان گڏ آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام لاءِ ڳالهين تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.