وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم جي وفد جي ملاقات ڪئي، جنهن دوران بجلي جي ڳرن بلن ۽ آءِ پي پيز جي غير پيداواري چارجز جي ادائگي خلاف سخت احتجاج ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم جي وفد جي ملاقات ڪئي.
ايم ڪيو ايم وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل آهن.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم بجلي جي ڳرن بلن ۽ آءِ پي پيز جي غير پيداواري چارجز جي ادائگي خلاف سخت احتجاج ڪيو.
ايم ڪيو ايم موقف اختيار ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ آءِ پي پيز طرفان غير پيداواري چارجز جي مد ۾ عوام کان ناجائز اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پيداواري ڪمپنين سان معاهدن تي نظرثاني ۽ غير پيداواري چارجز ڪڍڻ جو مطالبو وزيراعظم آڏو رکيو.
ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن لاءِ خصوصي ترقياتي فنڊن ۽ نوجوانن لاءِ بنا وياج قرضن بابت به ڳالهيون ڪيون…..