تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف طرفان سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چيني صدر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

وزيراعظم شهباز شريف طرفان سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چيني صدر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس چوڻ آهي ته چين پاڪستان سهڪار کي نين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ چيني صدر جا جيترا ٿورا مڃيا وڃن گهٽ آهن،  سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ  وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪيو ويندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چيني صدر طرفان پاڪستان جي حمايت ۾ بيان تي هو سندس ٿورائتا آهن.

سندس چوڻ هو ته بيلٽ اينڊ روڊ سهڪار منصوبو عوامي ڀلائي بابت چيني صدر جي عزم جو ثبوت آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان سهڪار کي نين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ چيني صدر جا جيترا ٿورا مڃيا وڃن گهٽ آهن.

هن چيو ته سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ سماجي توڙي اقتصادي شعبن ۾ اهم سنگ ميل عبور ٿيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ شروع ڪيل بي آر آءِ فليگ شپ منصوبو حقيقت بڻجي چڪو آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
27 %
2.2kmh
74 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
17 °
سُومر
19 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون