- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف طرفان پئٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽائي ڪري عوام کي رليف ڏنو ويندو، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمتي يادداشت پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، ايران پاڪستان جو رڳو پاڙيسري نه پر ڀاءُ ملڪ آهي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان فون تي رابطو ڪري جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير ڳالهين جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي تمام گهڻي عزت ملي آهي، دنيا جي هر خطي ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي.
هن چيو ته دنيا کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته سياسي اختلافن کانسواءِ قوم متحد آهي، قومي وحدت لاءِ هو سڀ هڪ آهن ۽ هميشه هڪ ئي رهندا.
سندس چوڻ هو ته فيلڊ مارشل عاصم منير اسلام آباد معاهدي کي قطعي ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عظيم مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت اڻٿڪ محنت، مضبوطي ۽ پختي عزم سان ممڪن ٿي آهي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي.
هن چيو ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان سندس فون تي ڳالهيون ٿيون آهن، صدر پزشڪيان پاڪستان جي ڀرپور سهڪار ڪرڻ تي پنهنجي ۽ ايراني قوم طرفان ٿورا مڃا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان کي جلد پاڪستان جي دوري تي دعوت ڏني آهي، قوم سندس آجيان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي عوام جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، ايراني صدر چيو ته هو پاڪستان اچي پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃيندو، پاڪستاني وفد آيت الله خامنا اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪندو.
هن چيو ته جنگبندي جي نتيجي ۾ خطي ۾ معاشي خوشحالي ايندي، تيل جا اگهه تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن، معاهدي جي نتيجي ۾ تيل جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي اچي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته تيل جي اگهن ۾ اضافي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، حڪومت پنهنجي وسيلن مان 128 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، تيل جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صوبن طرفان وفاقي سرڪار کي وسيلا ڏيڻ تي ٿورائتا آهن، امن عمل ۾ دوست ملڪن تمام گهڻو سهڪار ڪيو آهي.
هن چيو ته چين، سعودي عرب، قطر، ترڪيه ۽ مصر امن عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان کي جيڪو عظيم مرتبو مليو قومن کي صدين ۾ نصيب ٿيندو آهي.- Advertisement -
