وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته حڪومت آپريشنل تياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هٿياربند فوج کي سمورا وسيلا فراهم ڪندي، امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف ڪابينا ميمبرن سان گڏجي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، آرمي چيف جنرل عاصم منير وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جي آجيان ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جي ايڇ ڪيو آمد تي وزيراعظم شهبازشريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
شهباز شريف، شهيد جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه پڙهي.
دوري دوران وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن کي ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال توڙي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ هلندڙ آپريشن تي بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم ۽ ڪابينا پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارت، آپريشنل تيارين ۽ دهشتگردين خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ هو ته حڪومت آپريشنل تياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هٿياربند فوج کي سمورا وسيلا فراهم ڪندي.
هن چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
آرمي چيف جنرل عاصم جو چوڻ هو ته پاڪ فوج حڪومت کي آڏو چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور مدد ڪندي…