وزيراعظم شهباز شريف مراڪش ٻيڙي حادثي جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 رڪني جاچ ڪميٽي اڄ رات ئي مراڪش رواني ٿيندي.
گهرو وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري سلمان چوڌري ڪميٽي جو سربراهه آهي، ايف آءِ اي پنجاب جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر نارٿ منير مسعود مارٿ به شامل آهن.
پرڏيهي آفيس ۽ آءِ بي جو هڪ هڪ آفيسر به جاچ ٽيم سان گڏ مراڪش ويندو، جاچ ٽيم 2 کان 4 ڏينهن مراڪس ۾ ترسندي.
ٽيم ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل پاڪستانين سان ملاقات ڪندي، جاچ ٽيم پاڪستانين تي تشدد ۽ قتل جي به جاچ ڪندي.