- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي ليگي اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني آهي.
وزيراعظم اين اي 129 ۾ حافظ نعمان، اي اين 143 چيچه وطني ۾ محمد طفيل بٽ ۽ ٻين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نواز شريف جي ويزن، بيمثال قيادت ۽ ڪارڪنن جي محنت سبب ڪاميابي حاصل ٿي.
سندس چوڻ هو ته ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي وزيراعلى پنجاب مريم نواز جي محنت تي عوام جي اعتماد جي عڪاسي آهي ۽ هي ڪاميابي حڪومتي ڪارڪردگي تي عوام جو مظهر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ننڍي ۾ چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي ۾ پارٽي ڪارڪنن جي محنت به شامل آهي………
- Advertisement -
