تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر ۽ وزيراعظم جو عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عورتن مٿان تشدد انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي آهي. عورتن تي تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هو دنيا جي عورتن ۽ نارين سان ٻڌي جو اظهار ڪري ٿو. صدر چيو ته عورتن کي تعليم، هنرمندي ۽ معاشي خودمختياري سان بااختيار بڻائڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته مضبوط قانوني ڍانچي ۽ ثقافتي روين ۾ تبديلي اڻٽر آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حڪومت عورتن تي تشدد روڪڻ ۽ متاثرن جي مدد لاءِ سرگرم آهي. سندس چوڻ هو ته آئين واضح لفظن ۾ عورتن جي عزت، احترام ۽ برابري جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته عورتن کي اهڙو ماحول فراهم ڪنداسين جتي هو بنا خوف آزاد پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻي سگهن. سندس چوڻ هو ته عورتن تي تشدد وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته عورتن جي تحفظ لاءِ سينٽر ۽ متاثر عورتن جي مالي ۽ قانوني مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
32 %
3.9kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون