تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن کي آءِ ايم ايف جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن کي آءِ ايم ايف جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سمگلنگ روڪڻ لاءِ به ٽارگيٽ ڏنو آهي، ناڻي واري وزارت کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، معدنيات جون شيون ٻاهر موڪلڻ وڌائڻ جو به ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم ادارن جي ڪارڪردگي جي جاچ جو پڪو پهه ڪيو آهي، شهباز شريف هر وزارت لاءِ هدف مقرر ڪيا آهن، لکت ۾ هدايتون وزارتن کي پهريون ڀيرو ڏنيون پيون وڃن. سندس چوڻ هو ته ناڻي واري وزير کي مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ جو حدف ڏنو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن کي آءِ ايم ايف جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو به ٽاسڪ ڏنو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ناڻي واري وزارت جي ڊي پي ۾ اضافو، آءِ ايم ايف جي معاملا ۽ قرضن بابت ڪارڪردگي ٻڌائيندي، قانون واري وزارت ۾ قانون سازي لاءِ هدف مقرر ڪيا ويا آهن، معدنيات جون شيون ٻاهر موڪلڻ وڌائڻ جو به ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ڪاروبار کي آسان بڻائڻ لاءِ هدف ڏنو ويو آهي، اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي حوالي سان واضح هدف مقرر ڪيا ويا آهن، ڪمرشل بينڪن سان پي آءِ اي جا معاملا طئي ٿي ويا آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته واپاري خسارو گهٽائڻ، ناڻي جي ذخيرا ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ جو حدف به ڏنو ويو آهي، وفاقي ڪابينا ۾ خود احتسابي جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، آءِ ٽي ايڪسپورٽ کي وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ سندن انٽيليجنس ايجنسيز ڪم ڪيو، غير قانوني هٿيارن جي حوالي سان رولز ٺاهيا ويندا، ايف بي آر کي ڊيجيٽائزيشن لاءِ ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم کي ڪم وٺڻ ايندو آهي، هن ماضي ۾ به ڪم ڪري ڏيکاريون، شهباز شريف 16 مهينن ۾ ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، رپيو مستحڪم ٿيو آهي، ڪابينا عوامي ووٽ سان آئي آهي ۽ عوام کي جواب ڏيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون